Sunday, April 24, 2016

Thar Drought report Chouhan


انساني حقن بابت قومي ڪميشن ٿر ۾ جاري موت جي ڪارڻن بابت  رپورٽ
 
 انساني حقن بابت قومي ڪميشن
ٿرپارڪر ۾ جاري موت جي ڪارڻن بابت هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، انهيءَ رپورٽ متعلق انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي چيئرمين رٽائرڊ جسٽس علي نواز چوهاڻ جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ 76 سيڪڙو آبادي وٽ گهرن ۾ هڪ ڏينهن لاءِ به خوراڪ جا ذخيرا موجود ناهن ۽ نه وري انهن وٽ مارڪيٽ مان خوراڪ خريد ڪرڻ جي سگهه آهي. رپورٽ مطابق ڏڪار ۾ هزارين جانور مري ويا آهن، علائقي جي ماڻهن کي خالي ماني، چانهه ۽ چٽڻي کان سواءِ گهربل غذا دستياب ناهي، جنهن سبب ٻارن کي ٻن سالن جي عمر تائين ماءُ جي کير کان سواءِ ٻي ڪا غذا ميسر ناهي، جنهن سبب سندن ذهني ۽ جسماني اوسر نٿي ٿئي. رپورٽ ۾ صحت جي سهولتن جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته 13 لک جي آبادي لاءِ فقط 141 ڊاڪٽر ۽ 648 ليڊي هيلٿ ورڪرز آهن، جڏهن ته اسپتالن جي حالت به ڪا بهتر ناهي. اُن کان علاوه ضلعي ۾ رُڳو 14 ايمبولينس آهن، مريضن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ لاءِ ڪِرايو وصول ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سخت مالي بحران ۾ ورتل خاندانن لاءِ ڀرڻ ممڪن ناهي.

 رپورٽ ۾ اِها ڳالهه به ڄاڻائي وئي آهي ته ٿرپارڪر ۾ انساني الميي جو هڪ سبب سرڪاري ڊاڪٽرن پاران ڪم ڪرڻ کان انڪار آهي، ڊاڪٽرن جي اڪثريت خانگي ڪلينڪ هلائڻ کي ترجيح ڏئي ٿي. جڏهن ته گائني توڙي ٻارن جي ماهر ڊاڪٽرن جي اڻهوند انساني بحران کي ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته کين انتظاميا پاران سُڌ ڏني وئي ته 2014ع کان هينئر تائين مختلف بيمارين سبب 828 ٻار فوت ٿيا آهن. ڪميشن جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته ٿر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سخت مسئلو آهي، سنڌ حڪومت 5 ارب رپيا آر او پلانٽ هڻڻ لاءِ مختص ڪيا، جنهن مان 700 بدران 432 پلانٽ قائم ڪيا ويا، انهن مان فقط 292 فنڪشنل آهن، باقي 71 بيڪار پيل آهن. اتي جي مقامي آبادي مطابق ڳوٺاڻا پيئڻ جي پاڻي لاءِ ماهوار 100 رپيا ڏين ٿا
.
انهيءَ رپورٽ کي سنڌ سرڪار ڪيئن ٿي ڏسي؟ تنهن بابت پاڻ ڪجهه به نٿا چئي سگهون، پر گذريل ڳچ سالن کان ٿر واري مامري تي حڪمرانن جي پيشانين تي گهنج ڏٺا ويندا رهيا آهن ۽ اڪثر اهو ئي چيو ويندو آهي ته ٿر ۾ ڪو ڏڪار ناهي، نه ئي ٻارن جي موت وارين خبرن ۾ ڪا صداقت آهي. حڪمران انهيءَ مامري کي ميڊيا جو اُٿاريل اشو قرار ڏيندا آهن. ايستائين جو سنڌ جي وڏي وزير ايوان ۾ اِها به دعويٰ ڪئي هئي ته مٺيءَ جي اسپتال، حيدرآباد ۽ ٻين وڏن شهرن جي اسپتالن کان بهتر آهي ۽ اُتي مريضن کي هر قسم جي سهوليت فراهم ڪئي پئي وڃي.
هڪ طرف حڪمرانن جون اهڙيون دعوائون آهن ته ٻئي پاسي انساني حقن بابت قومي ڪميشن جي رپورٽ آهي، جيڪا ٻُڌائي ٿي ته ٿر جي صورتحال بهتر ناهي. ڪميشن ٿرپارڪر ۾ انساني بحران جي حوالي سان وفاقي سرڪار کي به ذميوار قرار ڏئي ٿي، جنهن جي عدم دلچسپيءَ سبب هيڏي وڏي آبادي نه رُڳو بنيادي سهولتن کان محروم آهي پر اُها زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آهي. جڏهن ته ڪميشن اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي بيحسيءَ تي پڻ حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
نه رُڳو ٿر پر سنڌ جي مجموعي علائقن جي ساڳي ئي صورتحال آهي، جتي پيئڻ لائق پاڻي ۽ صحت توڙي تعليم جي بنيادي سهولتن جي اڻاٺ آهي، جنهن جو ذڪر مٿي ڄاڻايل ڪميشن واري رپورٽ ۾ پڻ ڪيو ويو آهي، پر حڪمران آهن جو انهيءَ الميي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهن ۽ هُو ان معاملي تي اُٿندڙ هر سوال کي پنهنجي خلاف پروپئگنڊا قرار ڏين ٿا. اِهو اهڙو رويو آهي، جنهن ۾ اڪثر حقيقتون نظرانداز ٿي وينديون آهن. ظاهر آهي ته جڏهن حڪمران اِهو تسليم ڪرڻ لاءِ ئي تيار نه هوندا ته ٿر ۾ ڪو ڏڪار به آهي ۽ ماڻهو مصيبتن کي مُنهن ڏئي رهيا آهن ته پوءِ اُنهن جي واهر لاءِ اُهي ڪهڙيون ڪوششون وٺندا! رپورٽ ۾ پڻ اِها ڳالهه ڄاڻائي وئي آهي ته سرڪار ٿر ۾ فقط فزيڪل انفرااسٽرڪچر جي ترقيءَ تي ڌيان ڏنو آهي، باقي انساني ترقيءَ کي مڪمل طور نظر انداز ڪيو ويو آهي. اهڙي صورت ۾ انساني الميا جنم نه وٺندا ته ٻيو ڇا ٿيندو؟ بهرحال اسين اِنهيءَ صلاح جا حامي آهيون ته سرڪار جا ذميوار فرد مٿي ڄاڻايل رپورٽ جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺن ۽ اُن جي روشنيءَ ۾ نه رُڳو ٿر واسين جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪوششون ورتيون وڃن، پر سنڌ جي باقي پوئتي پيل علائقن تي پڻ ڌيان ڏنو وڃي.

سنڌ جي نمائندن پاران ترقياتي رٿائن لاءِ مليل رقم کي هٿ نه لڳائڻ وارو الميو

عام خيال اِهو هو ته پيپلز پارٽي گذريل دؤر حڪومت جي ناڪاميءَ کانپوءِ ٻئي يعني هلندڙ دؤر حڪومت ۾ ماضيءَ جي خطائن جو ازالو ڪندي پر اِهو خيال، خام خيالي ثابت ٿيو. موجوده دؤرِ حڪومت ۾ به حڪمران ڌر جي ميمبرن عوام کي بنهه نظرانداز ڪري رکيو ۽ جيڪي ٿورا ڪي گهڻا عوامي ڀلائي توڻي ترقياتي ڪمن لاءِ فنڊ مقرر ڪيا ويا هئا، انهن کي اڪثر ميمبرن هٿ به نه لاٿو. انهيءَ حوالي سان ڪالهوڪين اخبارن هڪ خبر شايع ڪئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ناڻي کاتي طرفان هڪ رپورٽ جاري ٿي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته سنڌ اسيمبليءَ جي 108 مان فقط 6 ميمبرن پنهنجي تڪن جي ترقياتي رٿائن لاءِ مليل چار ڪروڙ خرچ ڪيا آهن، باقي وڏي وزير ۽ ٻين وزيرن سميت 102 ميمبرن ٽڪو به خرچ نه ڪيو آهي. خبر جي تفصيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال 16-2015ع ۾ ڪميونٽي ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 6 ارب 69 ڪروڙ رپيا مختص ٿيل آهن، جنهن مان 10 مهينن ۾ ميمبرن کي 3 ارب 87 ڪروڙ 75 لک جاري ڪيا ويا، انهن مان فقط 12 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، جيڪي جيڪب آباد ضلعي سان تعلق رکندڙ ميمبرن خرچ ڪيا. خبر ۾ اِهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ناڻي کاتي طرفان ترقياتي ڪمن لاءِ اڻ سڌي ريت فراهم ٿيندڙ رقم واري پروگرام ۾ مخالف ڌر جي ڪيترن ئي ميمبرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل نمائندن لاءِ چار ڪروڙ بجاءِ اڍائي ڪروڙ رکيا ويا.
سنڌ جي لڳ ڀڳ سڀني ضلعن جي سمورن تڪن جي جيڪا ابتر صورتحال آهي، اُن لاءِ مٿي ڄاڻايل رقم انتهائي معمولي بيهي ٿي. سڄي سنڌ ۾ اڻ ڳڻيا مسئلا آهن، ڪٿي پيئڻ لائق پاڻي ميسر ناهي ته ڪٿي وري نڪاسيءَ جو نظام خراب آهي، ڪٿي روڊ رستا کنڊرن جو ڏيک ڏئي رهيا آهن ته ڪٿي صفائي سٿرائيءَ جو نظام درهم برهم لڳو پيو آهي، جڏهن ته لڳ ڀڳ سمورن علائقن ۾ سج لٿي کانپوءِ اهڙي ته اوندهه انڌوڪار هجي ٿي جو اک نه ڏسي گوڏو، اسٽريٽ لائيٽ جو يا ته تصور ئي ناهي، جي ڪٿي ڪي اڀرا سڀرا بلب لڳل به آهن ته اُنهن ۾ بجلي ناهي، اهڙي صورت ۾ چار ڪروڙ رقم بنهه معمولي بڻجي ٿي، پر هتي اسين رقم جي واڌاري جي ڳالهه ڪرڻ کان ان ڪري به قاصر آهيون جو جيڪي ميمبر ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ به نه چاهيندا هجن، اُنهن لاءِ چار ڪروڙ هجن يا چاليهه ڪروڙ، ڪهڙو فرق پوندو؟ جن کان چار ڪروڙ ترقياتي مد ۾ خرچ نه ٿا ٿين، سي وڏي رقم کي ڇا ڪندا؟ اصل ۾ ڳالهه آهي آدرشن ۽ احساس جي! بدقسمتيءَ سان سياست جي ميدان ۾ اهڙا ماڻهو نڪتل آهن، جن کي نه ته قانون، نه آئين نه وري ملڪ ۽ عوام سان ڪو سرڪار آهي، سياست کي هُو بس وندر ۽ ڪمائيءَ جو ذريعو سمجهن ٿا. سياست هُنن لاءِ طاقت ۽ خانداني رُتبي جو ذريعو آهي. هُو نٿا ڄاڻن ته ڪهڙو عوام ۽ ڪهڙي ڀلائي!؟ جيڪي غريبن جي مُنهن پوڻ به نه چاهيندا هجن، سي اُنهن جي ڀلائي چاهيندا؟ اِهو ڪيئن ممڪن آهي.
هنن ئي ڪالمن ۾ گهڻو اڳ اسان سنڌ اسيمبليءَ ۾ نوجوانن جي کٽي اچڻ کي ساراهيو به هو ته اميد به ڏيکاري هئي ته اُهي روايتن کان هٽي ڪري پنهنجي تڪ توڻي عوام جي ڀلائي ۽ بهتريءَ لاءِ ڪو تحرڪ وٺندا، پر اڄ اسان کي اُهي پنهنجا لفظ واپس وٺڻ تي دل چوي ٿي ۽ اِهو يقين پختو ٿيندو پيو وڃي ته سياسي تلاءَ ۾ هڪ ڀيرو لهڻ کانپوءِ سڀني جي سوچ هڪ جهڙي بڻجي وڃي ٿي. يعني غريبن جيڪي ملڪ جي اڪثريت آهن، اُنهن لاءِ نه سوچبو، نه وري انهن جي حالت ئي سڌاربي، بلڪه انهن کي حقير ڪري رکبو ته جيئن ايندڙ چونڊ مهم دوران به اُهي مجبور ۽ محروم هجن، حد ته هيءَ آهي جو سنڌ سرڪار جي واڳ سنڀالي رکندڙ وڏي وزير کي به پنهنجي تر ۽ عوام جو ڪو قدر ناهي!
اسان نه ٿا ڄاڻون ته مٿي ڄاڻايل رقم ڪنهن مخصوص مد ۾ خرچ ڪرڻي هوندي آهي يا ڪنهن به عوامي ڀلائي واري ڪم لاءِ خرچ ڪري سگهجي ٿي؟ جيڪڏهن اُها ڪنهن خاص مد لاءِ مخصوص ناهي ته پوءِ انهيءَ رقم مان ٻيو نه تڏهن به تر جي وڏي حصي ۾ سولر اسٽريٽ لائيٽون ضرور لڳرائي سگهجن ٿيون ۽ ائين عوام کي جيڪڏهن ٻيو ڪجهه ڏيڻ کان ميمبر قاصر به هجن، تڏهن به اونداهين گهٽين ۾ ڪيل روشني عوام کي اِهو احساس ضرور ڏاريندي ته سندن تڪ جا ميمبر عوامي ڀلائيءَ جي ڪوششن ۾ آهن يا جيڪڏهن ڪنهن غريب وسنديءَ ۾ صاف پاڻيءَ رسائڻ تي اِها رقم خرچ ڪئي وڃي، تڏهن به سجائي ٿي سگهي ٿي، پر جيئن ته موجوده سرڪار جي ميمبرن کي اِها خوشفهمي آهي ته اُهي ترقياتي ڪم ڪرائين يا نه، ماڻهن کي ڪو رليف ملي يا نه، ووٽ هر حال ۾ انهن کي ئي ملندو، جو سندن پارٽيءَ جو ڪو متبادل ناهي، جيڪا ڳالهه ڪنهن حد تائين سچ به آهي، پر حالتون هميشه هڪجهڙيون ناهن رهنديون، ماڻهو سڄي حياتي ٺلهن واعدن تي اعتبار نه ٿو ڪري سگهي ۽ سجاڳي ڪنهن به نسل جي نصيب ۾ اچي سگهي ٿي. اهڙي صورت ۾ جيڪو احتساب ٿيندو آهي، تنهن جو موجوده حڪمرانن کي ڪو ادراڪ ناهي! عروج کي هڪ ڏينهن زوال ضرور ايندو آهي، پر اِها بدقسمتيءَ جي انتها سڏبي آهي جو اُهو زوال ڪنهن ٻئي جي زور زبردستيءَ سبب نه پر پنهنجن پرڪارن ڪري ئي ايندو آهي. سو اهڙي ڪنهن به امڪان کان اڳ حڪمرانن کي ضرور سجاڳ ٿيڻ گهرجي ۽ پنهنجن ميمبرن کي، تر ۽ عوام سان واڳيل هجڻ جي تلقين ڪرڻ گهرجي ته جيئن محرومن جو ازالو ٿي سگهي. ساڳي قسم جي اُميد اسين مخالف ڌر جي ذميوار فردن کان به رکون ٿا ته اُهي به نه رُڳو پنهنجي تر جي عوام ڏانهن ذميوار هجڻ جو ثبوت ڏيندا، پر حڪمران ڌر کي ائين ڪرڻ تي مجبور ڪندا، اِها ئي سنڌ جي موجوده صورتحال جي تقاضا آهي.

Awami
سنڌ اندر 2010ع واري جيڪا ٻوڏ آئي هئي، تنهن جا ڦَٽَ سنڌ جي جسم تي اڃا تازا ئي آهن ۽ ان ٻوڏ جا متاثر اڄ به ائين ئي رليل آهن جيئن ڪالهه اجهي، لٽي ۽ ڳڀي لاءِ پريشان هئا.
2010ع ۾ ٽوڙي بند ٽٽڻ جي ڪري سنڌو درياءَ جي ساڄي پاسي واري سنڌ جا اهي ضلعا، جن ۾ سارين جو فصل ٿيندو آهي، يا ائين کڻي چئجي ته ساريال وارن ضلعن جو بنيادي ڍانچو لکين ايڪڙن تي پوکيل فصل گهر گهاٽ، ڳوٺن جا ڳوٺ مطلب ته سڀ ڪجهه تباههُ ٿي ويو هو. ڪيئن وسري سگهي ٿو ته ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي پڪي وارن ضلعن ڪشمور-ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، قمبر-شهدادڪوٽ ۽ دادو ضلعن ۾ به پاڻي ائين بيٺل هو، جو اهي ڪچي جو ڏيک ڏئي رهيا هئا يا ڪنهن تلاءَ جي ڏيک ڏئي رهيا هئا. هيءَ اها ٻوڏ هئي، جنهن ۾ جيڪب آباد جهڙو شهر به ٻڏو هو ته ڪنڌڪوٽ، غوثپور ۽ ڳڙهي خيري جهڙا شهر به، انتظاميا هڪڙن شهرن کي بچائڻ لاءِ ٻين کي ٻوڙي رهي هئي، مطلب ته سڄي سنڌ جو ساههُ مُٺِ ۾ هو.
سو اهڙي صورتحال ۾ ٻي ڪا واههَ نه ڏسي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن، سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ جو رخ ڪيو هو، جتي سندن آڌر ڀاءُ ذلتَ سان ٿيو هو. کين نه ته گهرج موجب رهائش ڏني وئي، نه کاڌو پيتو نه انگ ڍڪڻ لاءِ لٽو ڪپڙو، پر اهي سڀ ذلتون ۽ جُٺيون سهي به اُهي آسمان هيٺ ئي سهي ان آسري ڪراچيءَ ۾ ترسي پيا ته هي وڏو شهر آهي، جيڪو الائجي ڪٿان ڪٿان آيل ڀانت ڀانت جي ڪاٺيءَکي پالي ٿو اسين به هتي رهي ڪمائينداسين، پر اهو ڪنهن ڏٺو هو ته شهر جي دعويدارن کي پيٺ ۾ اچي سورُ پيو، هڪ ته انهن ٻوڏ متاثرن لاءِ ناڪاري پروپيگنڊا ڪئي ۽ ٻيو وري سرڪار سڳوري به انهن جي ان نموني جي پرگهور نه لڌي جيئن لهڻ گهرجي ها.
اُهي متاثر اڄ به رليل آهن، دربدر آهن، ڪراچيءَ جي گلشن معمار ۽ ٻين جن به علائقن ۾ اهي رهيا هئا، اتان کين اٿارڻ، لڏڻ ۽ دربدر ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويوآهي. جنهن جي ڪري هو دربدر آهن. سنڌ سرڪار اِهو سمجهندي ته هي به سنڌ جا واسي آهن، نن جا به ڪي بنيادي حق آهن، ۽ سرڪار جو به فرض ٿئي ٿو ته کين اٽي، لٽي ۽ اجهي واري پنهنجي پروگرامَ تحت هنن کي اجهو فراهم ڪري. چيو وڃي ٿو ته اِهي متاثر سرڪار جي ٺاهيل فليٽن تي قبضو ڪري ويٺا هئا، تنهن ڪري کين اٿاريو پيو وڃي، بلڪل ائين هوندو به، پر سرڪار سڳوريءَ کي نه وسارڻ گهرجي ته اِهي متاثر پنهنجو جهڳو ڇڏڻ بعد هٿين خالي سر بچائي ڪراچيءَ آيا هئا، ڪير به شوق سان پنهنجا اباڻا ڪَکَ ناهي ڇڏيندو، نه ئي وري هنن متاثرن جي شهر تي ڪنهن قبضي جي خواهش هئي، جيئن ڪراچي ايندڙ ڀانت ڀانت جي ڪاٺين ۽ الائي ڪٿان ڪٿان جي ماڻهن جي ذهنيت پئي رهي آهي، هي ٻوڏ ۾ مال، ملڪيتون، خوشيون، اميدون، آهون مطلب ته سڀ ڪجهه لڙهي وڃڻ سبب ڪراچيءَ آيا هئا.
سو شهرين کي اجهي، اٽي ۽ لٽي جي فراهميءَ جي آئيني طور ذميوار حڪومت آهي، تنهن ڪري سنڌ سرڪار کي ڪراچيءَ اندر”رڻ ۾ رليل“ ٻوڏ متاثرن جي پرگهور لاءِ فوري طور اڳتي اچڻ گهرجي، هو جن فليٽن ۾ ترسيل آهن، سي جيڪڏهن ڪِنِ ٻين ماڻهن کي الاٽ ٿيل آهن ته، ان جي جاءِ تي کين متبادل رهائش فراهم ڪري سندن مسلئو حل ڪرڻ گهرجي.
اربع 13 اپريل 2016ع، 5 رجب1437 هه
---------          ----------     -------- ---------       ------------------